جيانتي ڪرپلاڻي

جيانتي ڪرپلاڻي

جيانتي ڪرپلاڻي

جيانتي ڪرپلاڻي (Jayanti Kirplani): دنيا ۾ سالن کان امن، شانتي، من جي سڪون جو پيغام ڏيندڙ، جيانتي ڪرپلاڻي، 1949ع ۾ پوني ڀارت ۾، حيدرآبادي عاملن جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ پيدا ٿي. سندس وڏا 1950ع واري ڏهاڪي ۾ برطانيه لڏي ويا هئا، بنيادي طور سندس اباڻا حيدرآباد سنڌ سان تعلق رکن ٿا. 19 سالن جي ڄمار ۾ جيانتيءَ پنهنجي زندگيءَ جي مقصد جو تعين ڪري ورتو ۽ دنيا ۾ من جي شانتيءَ جو پيغام پهچائڻ جو عهـد ڪيو، جيانتي ڪرپلاڻي هن وقت دنيا ۾ ’سِسٽر جيانتي‘ جي نالي سان مشهور آهي. جيانتي ڪرپلاڻيءَ دنيا جي ڪيترن خطن جو سير ڪري، پنهنجي مقصد جي پرچار ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ امن ۽ شانتي آڻڻ لاءِ سڀ کان پهرين انسان جي پنهنجي من جي شانتي ضروري آهي، تنهن کان پوءِ ئي دنيا ۾ بدلاءُ ممڪن آهي. سندس پيغام ۾ سماجي ۽ معاشي بهتريءَ جا ڏس ملن ٿا: هڪ استاد ۽ رهنما جي حيثيت ۾ جيانتي ڪرپلاڻي، سڀ کان پهرين پنهنجي ذات ۾ تبديلي آڻي، دنيا وارن کان تبديلي ۽ شانتيءَ جي اميد رکي ٿي. سندس نظريي مطابق هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي من کي صاف رکڻو پوندو، اهڙيءَ ريت هر ماڻهو پنهنجي من جي شانتي ڳولي لهندو، جنهن کان پوءِ دنيا ۾ امن قائم ٿي ويندو. اقوامِ متحده 1986ع کي ’بين الاقوامي امن جو سال‘ مڃيو. جيانتي ڪرپلاڻيءَ ان پراجيڪٽ جي سربراهي ڪئي، جنهن هيٺ ‘The Million Minutes of Peace Appeal’ جي عنوان سان هڪ شاندار سطح جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ 80 ملڪن جي ماڻهن دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ بابت دعائون گھريون. ان پراجيڪٽ تحت 1.34 بلين منٽس کي رڪارڊ ڪيو ويو. سال 1988ع ۾ ان پراجيڪٽ کي وڌيڪ معياري ۽ بهتر بڻائي، هڪ ٻيو پراجيڪٽ 'Global Cooperation for a Better World' لنڊن شهر جي هائوس آف پارليامينٽ ۾ منظر عام تي آيو، جنهن ۾ 129 ملڪن مان آيل هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ بحث ڪيو ويو ته دنيا کي ڪهڙيءَ ريت بهتر بڻائجي ۽ حقيقتن کي ڪيئن ڏسجي.
جيانتي ڪرپلاڻي، دنيا جي 100 ملڪن جا دورا ڪري چڪي آهي، جتي هيءَ دنيا ۾ امن، تعليم، صحت، قدرتي ماحول، دنيا جي مذهبن ۽ بين الاقوامي واسطن متعلق ليڪچر ڏئي چڪي آهي. اقوامِ متحده جي وفد جي نمائندگي ڪندي، هن 2002ع ۾ سائوٿ آفريقا جو دؤرو ڪيو ۽ سال 2005ع ۾ هن ميڊرڊ (اسپين) ۾ واپاري ماڻهن کي سندس ذميواري ۽ قدرتي ماحول بابت ليڪچر ڏنو. هوءَ لنڊن ۾ ٽيليويزن چئنلن تان ’من جي شانتيءَ‘ بابت ليڪچر به ڏيندي آهي. 2009ع ۾ سنڌ آئي ۽ پنهنجن اباڻن جا گهر گهاٽ ڏسڻ کان سواءِ هڪ سماجي تنظيم پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ عالمي امن جي موضوع تي هڪ ليڪچر ڏنائين. جيانتي ڪرپلاڻي ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا به آهي، ان کان سواءِ آڊيو ۽ ويڊيو رڪارڊنگ ۾ به امن ۽ ٻين موضوعن بابت پنهنجا ويچار ۽ پيغام رڪارڊ ڪرائي چڪي آهي.


لفظ جيانتي ڪرپلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو